ڌيروءَ جو دڙو

ڌيروءَ جو دڙو: يونين ڪائونسل غيبي ديري، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ واقع هيءَ دڙو، قنبر کان 32 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اولهه- اتر جي ڪنڊ ۾ 8 فوٽن جي اوچائي ۽ ٻن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. مقامي روايتن موجب هيءُ ماڳ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ڌيرو مل آباد ڪيو. ڌيرو مل هندن جي آڏواڻي نک مان هو. هن جا وڏا اصل پنجاب جا رهاڪو هئا. ڌيرو مل ديوان گدومل جو عزيز هو. ديوان گدومل، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو صلاحڪار هو، جنهن جي نگرانيءَ ۾ حيدراباد (نيرون ڪوٽ) جو ڪچو قلعو ۽ پڪو قلعو ٺهيو هو. گدو بندر سندس نالي سان اڄ به مشهور آهي. هي ماڳ، انگريزن جي دؤر کان هندن جي ڇڏي وڃڻ سبب ڦٽي ويو. هڪڙي روايت موجب ڌيرو چانڊين جي سردار جو بهادر سپهه سالار هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو